آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي

آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي: سيتا ڳوٺ ۾ ڀٽين جي مدرسي جو بنياد انگريز دور حڪومت کان اڳ جو پيل هو. پر آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ ان مدرسي جو نئين سر نصاب ۽ نظام مقرر ڪري ان کي باقاعده ۽ منظم بڻايو هو. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو. آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جي والد بزرگوار جو نالو آخوند گاهي هو. ديني تعليم ۽ عربي فارسي زبان سان لڳاءُ کيس خانداني ورثي طور مليل هو. هو ڪيترا سال درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترن شاگردن کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ۽ فيضياب ڪيو ۽ پنهنجي وقت جا بهترين معلم مدرس ۽ عالم پيدا ڪيا. پهريائين هڪ نياڻي پيدا ٿي ۽ پوءِ ست پٽ ترتيبوار عبدالرحمان، الهه بخش، محمد صالح، الهڏنو، گاهي، عبدالرحيم ۽ دائود پيدا ٿيا. سندس ستن پٽن مان چار پٽ علم ۽ فضيلت سان بهرور ٿي آخوند جي لقب سان مشهور ٿيا، جهڙوڪ: آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند الله بخش ڀٽي، آخوند محمد صالح ڀٽي، آخوند محمد دائود ڀٽي. اهي چارئي پنهنجي دور جا عالم، فاضل، معلم ۽ مدرس بڻيا. اهي عالم دين نه رڳو ديني علمن ۾ يڪتاءِ روزگار هئا، بلڪ بهترين خوش نويس ۽ خطاط هئا. انهن جا ترڪي ۾ ڇڏيل ڪجهه قلمي نسخا مليا آهن، جيڪي سندن بهترين خوش نويسيءَ ۽ رسم الخط جا اعليٰ نمونا آهن. سندن ڪيترا قيمتي ڪتاب ۽ علمي آثار زماني جي گردش جي ور چڙهي ويا. ان ڪري هن علمي درسگاهه جو هڪ پورو عهد آخوند محمد دائود ڀٽيءَ کانپوءِ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن جي وفات 1973ع ۾ ٿي. آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جون ڪيل ديني ۽ علمي خدمتون ۽ سندس اولاد طرفان هڪ صديءَ جي عهد تائين سندس جلايل جوت کي قائم رکڻ واريون ڪوششون تاريخ ۾ يادگار رهنديون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1247.00.00  عيسوي

. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو


1831.00.00  عيسوي

. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو


1317.00.00  عيسوي

، جڏهن ته آخوند ڇٽي جي وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو .


1899.00.00  عيسوي

، جڏهن ته آخوند ڇٽي جي وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
سيد حيدر شاهه1
عبدالصمد نورنگزادو مخدوم
شهاب الدين ڪٽوهر مولوي
حافظ عبدالله حامدي
عبدالله، مخدوم نرئي وارو
شبير احمد عثماني علامه
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
آءِ آءِ قاضي علامه
پنگل
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون